سنسار چڪر

سنسار چڪر (رسالو): هيءُ ماهوار سنڌي رسالو 1916ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ٿيو. جنهن جو مالڪ مهراج هرومل پريمچند شرما هو. هن رسالي ۾ سنڌي ناول جا سلسلا ۽ ڪهاڻيون شايع ٿينديون هيون، جنهن جي ليکڪن کي انعام پڻ ڏنا ويندا هئا. هيءَ رسالو تمام دلچسپ هوندو هو. هن رسالي کي برما، سيلون، چين، جپان، آمريڪا، آفريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو گھرائي پڙهندا هئا، هن رسالي پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي، هي رسالو ورهاڱي بعد مڪمل بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو